اسلام آباد – 15 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف جي صدارت ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ بارڊر مينيجمينٽ کي بهتر ۽ اندروني ??لامتي کي يقيني ??ڻائڻ لاءِ سول آرمد فورسز جون 29 نيون ونگون قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ سرڪاري عملدارن ۽ اعليٰ عسڪري قيادت شرڪ?? ڪئي جنهن ۾ ملڪ جي مجموعي اندروني ??لامتي جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. سومر ??ينهن وزيراعظم هائوس پاران جاري ڪيل بيان موجب اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته قومي سلامتي جي صلاحڪار ليفٽيننٽ جنرل (ر) ناصر خان جنجوعه نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمدي ڪميٽي جو سربرا??ه هوندو جڏهن ته گهرو سيڪريٽري، نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم اٿارٽي جو ڊائريڪٽر جنرل، صوبائي سيڪريٽريز، انسپيڪٽر جنرلز آف پوليس، گهرو سيڪريٽريز ۽ وزيراعظم آفيس جو ايڊيشنل سيڪريٽري ان جا ميمبر هوندا.
مضمون کا ماخذ : کڑک