گڏيل قومون 31 ڊسمبر (اي پي پي ) جنيوا ۾ قائم گڏيل قومن جي ايجنسي ورلڊ ميٽرولاجيڪل آرگنائزيشن ( ڊبليو ايم او) سال 2024ع کي ريڪارڊ گرم ترين سال قرار ڏنو آهي جنهن دوران زمين جي سراسري گرمي پد ۾ 1.5 ڊگري سينٽي گريڊ اضافو ريڪارڊ ٿيو آهي. ڊبليو ايم او جي سيڪريٽ??ي جنرل سيلسٽي سائولو چيو ته اداري پاران 2024ع دوران آبهوا جي صورتحال جي باري ۾ بار بار ريڊ الرٽ جاري ڪيا ويا آهن. هن چيو ته هن سال اسان گهڻن ملڪن ۾ ريڪارڊ ٽوڙ برساتن ۽ ٻوڏ جي واقعن ۽ جانين جو خوفناڪ نقصان ڏٺو آهي. سال 2024ع دوران سامونڊي طوفان خوفناڪ جاني ۽ معاشي ن??صان جو سبب بڻيو. سال 2024 ع دوران دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ماڻهن گرمي ??ي برداشت ڪيو. ان سان گڏو گڏ ٻيلن ۾ لڳل باهه به وڏي پيماني تي تباهي آندي. گڏيل قومن جي سيڪريٽ??ي جنرل انتونيو گوتريش ان حوالي سان نئين سال جي پيغام ۾ چيو ته اڄ مان باضابطه طور تي اطلاع ڪري سگهان ٿو ته اسان به هڪ اهڙي ڏهاڪي کي مڪمل ??يو آهي جنهن دوران ماڻهن شديد ترين گرمي ??ي برداشت ??يو اهو ڏهه سال ريڪارد تي گرم ترين سال رهيو. هن چيو ته اها صورتحال آبهوا ۾ تبديلين جو نتيجو آهي اسان کي انهن تبديلين جي رفتار گهٽ ڪرڻ لاءِ فوري قدم کڻڻ گهرجن. ڊبليو ايم او جي عالمي گرمي پد جي رفتار گهٽ ڪرڻ لاءِ فوري قدم کڻڻ گهرجن . ڊبليو ايم او جي عالمي گرمي پد ۾ اضافي بابت رپورٽ ۾ آبهوا جي تبديلين جي نتيجي ۾ 2024 ع دوران خطرناڪ گرمي جي مدي ۾ 41 ڏينهن جو اضافو ريڪارڊ ٿيو جنهن ۾ انساني صحت ۽ ماحولياتي نظام کي ن??صان پهتو. آبهوا جي تبديلين 29 شديد موسمي حالتن مان 26 جي شدت ۾ اضافو ??يو جن ۾ 3700 ماڻهو فوت ۽ لکين بي گهر ٿيا.
ورلڊ ميٽرولاجيڪل آرگنائزيشن پاران سال 2024ع کي ريڪارڊ گرم ترين سال قرار ڏنو ويو
مضمون کا ماخذ : سٹاربرسٹ