واشنگٽن- 17 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪا اتر ڪوريا جي اهم شخصيتن ۽ جنرلن سميت مختلف ادارن تي پابنديون لڳائي ڇڏيون آهن.پرڏيهي ميڊيا آمريڪي ناڻي کاتي جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته اتر ڪوريا ۽ روس تي نيون پابنديون لڳايون ويون آهن . جنهن جو مقصد پيانگ يانگ جي مالي سرگرمين ۽ ماسڪو لاءِ ان جي فوجي مدد کي نشانو بڻائڻ آهي. پابندين ۾ اتر ڪوريا جون بينڪون ، جنرلز ۽ ٻين اختيارين سان گڏو گڏ روس جون تيل جي فراهمي ڪندڙ ڪمپنيون به شا??ل آهن. اهو آمريڪا جو تازو قدم آهي جنهن جو مقصد يوڪرين ۾ روس جي فوجي آپريشن لاءِ اتر ڪوريا جي حمايت کي روڪڻ آهي. آمريڪي ناڻي و??ارت واضح ڪيو آهي ته نشانو بڻايل اتر ڪوريا جي بينڪن ۾ گولڊن ٽرائينگل بينڪ ۽ ڪوريا منڊل ڪريڊٽ بينڪ شا??ل آهن. دفاع واري و??ارت مطابق انهن اهلڪارن ۾ اتر ڪوريا جا جنرل به شا??ل آهن جيڪي پيانگ يانگ طرفان روس ۾ يوڪرين ۾ جنگي ڪوششن ۾ مدد لاءِ مقرر ڪيل هزارين فوجي شا??ل آهن.
آمريڪا پاران اتر ڪوريا جي اهم شخصيتن، جنرلن سميت مختلف ادارن تي پابنديون لاڳو
مضمون کا ماخذ : ایشیا ڈریگن