رياض-24آڪٽوبر(اي پي پي)سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمدبن سلمان سان آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن ملاقات ڪئي. پرڏيهي ميڊيا موجب رياض ۾ ٿيل ملاقات دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ ناتن کي هٿي ڏيڻ ۽ سهڪار جو جائزو ورتو ويو. ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان ۽ آمريڪي پرڏيهي وزير غزه ۽ لبنان سميت خطي جي در??يش معاملن ۽ عسڪري ڪارروائين کي روڪڻ لاءِ گ??يل ڪوششن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي. ملاقات دوران مملڪتي وزير ۽ قومي سلامتي جو مشير ڊاڪٽر مساعد بن محمد العيان ۽ ڳجهي ايجنسي جو سربراهه به م??جود هيو.
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے اعدادوشمار