گڏيل قومون-09 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان اقتصادي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ گهڻ رخي ترقياتي بئنڪن طرفان ج??ري ڪيل قرضن جي ڳاڻيٽي ۾ اضافي جو مطالبو ڪيو آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم گڏيل قومن جي ??نرل اسيمبلي جي ٻي ڪميٽي (اقتصادي ۽ مالياتي) جي ??جلاس ۾ ڳالهائيندي چيو ته جاگرافيائي سياسي ڇڪتاڻ ۽ نئين تحفظ پسندي واپ??ري نيٽ ورڪس کي ٽوڙي ۽ عالمي معيشت کي ڪمزور ڪري رهي آهي، دنيا جا 60 ملڪ قرض جي ??ار هيٺ دٻيل آهن، ماحولياتي تبديلين جا ناڪ??ري اثر وڌي رهيا آهن ۽ ڊجيٽل ورڇ هڪ نئين ترقياتي ورهاست بڻجي ??گهي ٿي، ان صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ منصوبابندي تحت گهڻ رخي ترقياتي قرضن جي ڳاڻيٽي، معيار ۽ پهچ ۾ اضافي جي ??رورت آهي. پاڪستاني نمائندي وڏي پئماني تي ترقياتي بحران، ڏڪار، غربت ۽ اڻبرابري کي ??جا??ر ڪندي چيو ته عالمي برادري جي ڪوشش اها هجڻ گهرجي ??ه هو ت??قي لاءِ ايڪشن پلان تي معاهدي لاءِ سياسي عزم کي گڏ ڪري جيئن ايندڙ سال جولاءِ ۾ اسپين ۾ فنانسنگ فار ڊولپمينٽ (FFD-IV)بابت ٿيندڙ چوٿين عالمي ڪانفرنس ۾ اختيار ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪ??ري جيڪا 2023ع ۾ 26 سيڪڙو تائين ڪري وئي ان جي ??زالي لاءِ به قدم کنيا ويندا ته جيئن اسرندڙ ملڪن کي عمل جوڳي ۽ بئنڪ??ري جي قابل منصوبن جي ??وڙجڪ ۾ مدد ملي سگهي. هن جو چوڻ هو ته پاڪستان ان ڳالهه جو خواهشمند آهي ته اسرندڙ ملڪن ۾ پائيدار انفرا اسٽرڪچر ۾ سيڙپڪ??ري ۽ نجي ??يڙپڪ??ري کي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ گڏيل قومن جو مڪينزم جوڙيو وڃي. منير اڪرم اسرندڙ ملڪن لاءِ قرض وٺڻ جي لاڳت گهٽتائڻ جي ??رورت تي زور ڀريندي چيو ته قرض کان ڇوٽڪ??ري ۽ نئين سر تنظيم کي منص??اڻ??، تيز رفتار ۽ جامع هجڻ گهرجي. هن وقت اسرندڙ خطا ڪجهه يورپي ملڪن جي ڀيٽ ۾ 6 کان 12 ڀيرا وڌيڪ مارڪ اپ تي قرض وٺي رهيا آهن جنهن جو بنيادي سبب اسٽينڊرڊز اينڊ پوئر ڪريڊٽ ريٽنگ آهي، ان مسئلي جي ??ل لاءِ اسان کي ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسين سان ڳالهين ذريعي ان اڻبرابري و??ري نظام کي ٺيڪ ڪرڻ گهرجي. هن ان موقعي تي ماحولياتي تبديلي جي ناڪ??ري اثرن کي گهٽ ڪرڻ ۽ ماحول جي ??حفظ جي منصوبن لاءِ فنڊنگ ۾ سيڙپڪ??ري ۽ ماحولياتي تبديلين سبب نقصانن تي مدد ۾ اضافي تي به زور ڀريو. هن چيو ته عالمي واپار جي ??والي سان نئين ماحولياتي تحفظ پسندي (جهڙوڪ سرحدي ڪاربن ٽيڪس جي مزاحمت) ۽ اسرندڙ ملڪن لاءِ ترجيحي مڪينزم کي وڌيڪ موثر بڻائڻ گهرجي، ان سان گڏوگڏ ٽيڪنالاجي ??ي ت??قي جو مقصد عالمي عوامي ڀلائي هجڻ گهرجي. هن جوچوڻ هو ته اسان کي ملڪيتن جي ??هميت جي ??حفظ ۽ مصنوعي ذهانت تي گلوبل ڊجيٽل ڪمپيڪٽ ۾ معاهدن کي لاڳو ڪرڻ گهرجي. اسان کي گڏيل قومن ۾ هڪ بين الحڪومتي عمل ذريعي سيڪريٽري جنرل جي پائيدار ت??قي جي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ عملي قدم کڻڻ گهرجن. هن چيو ته پاڪستان آفريقي گروپ سان گڏجي گڏيل قومن ۾ طئي ٿيل عالمي ٽيڪس معاهدن جي منظوري لاءِ پنهنجي ??جويز تي ڪم ڪندو. پاڪستاني نمائندي فنانسنگ فار ڊولپمينٽ بابت عالمي ڪانفرنس کان اڳ ت??قي لاءِ مختص خصوصي ڊرائنگ رائيٽس 2021ع جي 50 سيڪڙو کي ٻيهر فعال ڪرڻ جي معاهدي تي عملدرآمد ڪرڻ تي به زور ڀريو.
اقتصادي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ ترقياتي بئنڪن جي قرضن جي ڳاڻيٽي ۾ اضافو ڪيو وڃي: پاڪستاني سفير منير اڪرم
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ کی تجزیات