واشنگٽن -16 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي صدارتي اميدوار ۽ اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي ٻيهر قاتلاڻي حملي کان پوءِ صدر جوبائيڊن آمريڪي ڳجهي سروس کي ڊونلڊ ٽرمپ جي حفاظت يقيني بڻائڻ جي ??دايت ڪري ڇڏي. پرڏيهي ميڊيا ٻڌايو ته آمريڪي صدر جوبائيڊن آمريڪي ڳجهي سروس کي هدايت ڪئي آهي ته اها ريپبلڪن آمريڪي صدارتي اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ جي ??سلسل حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا ضروري وسيلا فراهم ڪري. صدر جوبائيڊن چيو ته جيئن ته مون ڪيترائي ڀيرا چيو آهي، ته اسان جي ??لڪ ۾ سياسي يا ڪنهن به قسم جي تشدد لاءِ ڪا به جڳهه ناهي ۽ مان پنهنجي ??يم کي هدايت ڪئي آهي ته اها ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ته سيڪريٽ سروس وٽ سمورا اهي وسيلا، صلاحيتون ۽ حفاظتي قدم موجود آهن جي??ي ڊونلڊ ٽرمپ جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ضروري آهن. هن چيو ته ق??نو?? لاڳو ڪندڙ ادارا ڊونلڊ ٽرمپ کي پيش آيل واقعن جا وڌيڪ تفصيل گڏ ڪري رهيا آهن. مون کي منهنجي ??يم ان بابت بريفنگ ۾ ٻڌايو ته هڪ شڪي شخص کي حراست ۾ ورتو ويو آهي. ق??نو?? لاڳو ڪندڙ ادارا ان بابت وڌيڪ تفصيل گڏ ڪري رهيا آهن. ان کان پهرين ايف بي آءِ چيو هو ته هو ڊونلڊ ٽرمپ جي ??يجهو ٿيندڙ فائرنگ جي جاچ ڪري رهي آهي.
آمريڪي صدر جوبائيڊن پاران ڊونلڊ ٽرمپ جي حفاظت يقيني بڻائڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : سلاٹ فادر