اسلام آباد – 10 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستان سٽيزن پورٽل تي شهرين پاران داخل ڪيل شڪايتن لاءِ جوڙيل طريقيڪار م??جب نه اڪلائڻ يا حل ۾ دير جو سخت نوٽيس وٺندي سمورين وزارتن کي هدايت ڪئي آهي ته لاڳاپيل آفيسرن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ ??ي لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي وڃي. وزيراعظم آفيس پاران سمورين وزارتن ۽ ڊويزنن کي لکيل خط موجب ڪجهه آفيسرن جي ڪارڪردگي جي جائزي کانپوءِ ان ڳالهه جو انڪشاف ٿيو ??هي ته شڪايتن کي نه ئي جوڙيل طريقيڪار م??جب اڪلايو ويو ۽ نه ئي مناسب سطح تي انهن جي ازالي لاءِ ڪو فيصلو ڪيو ويو.
مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن