جده – 19 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اوورسيز پاڪستانين ۾ وڏي صلاحيت آهي ۽ اسا?? انهن جي صلاحيتن مان ڀرپور فائدو کڻنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن جده ۾ شا??ه فيصل محل ۾ سعودي عرب ۾ رهندڙ پاڪستاني برادري کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سعودي عرب ۾ رهندڙ پاڪستاني واپارين، سيڙپڪارن، ڊاڪٽرز، ٽيچرز، تعليمي ماهرن، انجنيئرن، ڪانٽريڪٽرز ۽ بلڊرز ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪرڻ جو موقعو ڏيڻ تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته سندس حڪومت معيشت کي مستحڪم ڪرڻ جو چئلينج قبول ڪيو آهي. حڪومت سمورن ڪنسٽرڪشن ڪمپنين کي پاڪستان اچڻ جي دعوت ڏيندي ۽ تعميراتي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ ون ونڊو ذريعي سهولت فراهم ڪندي. هن چيو ته اقتدار ۾ اچڻ کا??پوءِ سندس بدعنواني ۽ قبضي گروپن جي خلاف جنگ آهي. حڪومت اسلام آباد ۾ قبضن جي خلاف مهم شروع ڪئي آهي ۽ هيستائين 300 ارب رپين جي زمين خالي ڪرائي وئي آهي. هن چيو ته پاڪستان جاگرافيائي، تزويراتي پوزيشن هجڻ سبب ملڪ خوشحال ٿيڻ جي صلاحيت رکي ٿو، جيڪڏهن هڪ ڀيرو گورننس جو نظام بهتر ٿي ويو ۽ بدعنواني ۾ گهٽتائي اچي وئي ته ملڪ ترقي ۽ خوشحالي جي نئين ر??هه تي گامزن ٿي ويندو.
اسلام آباد ۾ 300 ارب رپين جي زمين قبضي کان خالي ڪرائي آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : jogos de azar no Brasil