گڏيل قومون-12 سيپٽمبر (اي پي پي) فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي اداري يو اين آر ڊبليو چيو آهي ته مرڪزي غزه ۾ سندس نگراني ۾ هلندڙ اسڪولن مان هڪ تي اسرائيلي فضائي حملن ۾ هن جا 6 ملازم شهيد ڪيا ويا آهن. پرڏيهي خابرو اداري اکين ڏٺن شاهدن جي حوالي سان ٻڌايو ته اسرائيلي حملي ۾ شهيد ٿيل ماڻهن جو انگ 18 آهي. ان اسڪول کي اسرائيل پنجون ڀيرو حملن جو نشانو بڻايو آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب يو اين آر ڊبليو اي طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته گذريل سال آڪٽوبر ۾ غزه ۾ جنگ شروع ٿيڻ کانپوءِ اهو ڪنهن هڪ واقعي ۾ اسان جي عملي جون سڀ کان وڌيڪ فوتگيون آهن. اسرائيل جي ??وج جو چوڻ آهي ته هن ڄاڻايل اسڪول اندر حملن جي ??نصوبابندي ڪندڙ دهشتگردن تي نشانو بڻايو. گڏيل قومن جي ترجمان اسٽيفن ڊوجارڪ صحافين کي ٻڌايو ته گڏيل قومن انهن سمورن اسرائيلي فضائي حملن جي ??ذمت ڪئي آهي جن ۾ عام شهرين کي نشانو بڻايو ويندو آهي ۽ جيڪي گڏيل قومن جي ??ڪاڻن کي به نشانو بڻائين ٿا.
اسرائيل جا غزه ۾ اسڪول تي فضائي حملا، گڏيل قومن جي 6 اهلڪارن سميت 14 ڄڻا شهيد
مضمون کا ماخذ : میگا جیک پاٹس: کلیوپیٹرا