دبئي -25 مارچ (اي پي پي) گڏيل عرب امارتن جي رياست دبئي جي اپيل ڪورٽ هڪ ايشيائي کي گمنام پيغام تي عمل ڪرڻ تي ڏنڊ ۽ ملڪ بدري جي سزا ٻڌائي آهي. الامارات اليوم مطابق يو اي اي کان ٻاهر هڪ ڊرگ ڊيلر طرفان ايشيائي شهري کي گمنام پيغام مليو جنهن ۾ کيس ملڪ ۾ ان ڪم جي لاءِ چيو ويو. ايشيائي شهري ڊيلر سان منشيات ڪرسٽل خريد ڪئي ۽ اي ٽي ايم ذريعي رقم ان جي بئنڪ اڪائونٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي جن هن کان پوءِ ڊرگ ڊيلر طرفان کيس ان جڳهه جو ??قشو ڏنو ويو جتي منشيات ??وج??د هئي پر پوليس کيس گرفتار ڪري پبلڪ پراسيڪيوشن حوالي ڪري ڇڏيو. عدالت ۾ دبئي پوليس جي جنرل ڊپارٽمينٽ آف نارڪوٽڪس ڪنٽرول ٻڌايو ته جوابدار کي شڪ جي بنياد تي هڪ مارڪيٽ ويجهو منشيات کڻي ويندي پڪڙيو ويو. ان بابت ڄاڻ اعتماد جوڳن ذريعن طرفان ملي هئي. ڪيس جي ٻڌڻي دوران جوابدار قانون طور تي اطلاع ڏيڻ باوجود پيش نه ٿيو، عدالت فيصلي ۾ ڪيس جي سمورين شاهدين تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته جوابدار جو ڏوهاري ارادو پڻ ن??ر اچي ٿو، سموريون رپورٽون ۽ شاهديون ان جو ڏوهه ثابت ڪن ??يون، تنهن ڪري کيس 10 هزار ??ره?? ڏنڊ ۽ ملڪ مان بدخلي جي سزا ٻڌائي وڃي ٿي.
گڏيل عرب امارتن ۾ ايشيائي شهري کي گمنام پيغام تي عمل ڪرڻ تي ڏنڊ ۽ ملڪ بدري جي سزا
مضمون کا ماخذ : لاہور لاٹری