رياض – 11 مارچ (اي پي پي)سعودي عرب جي الحرمين الشريفين جي معاملن واري ??گر??ن اٿارٽي چيو آهي، ته رمضان المبارڪ دوران مطاف ۾ عمري ??ي زائرين جي استقبال جون سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. اردو ن??وز مطابق الحرمين اٿارٽي چيو آهي، ته مطاف ويندڙ رستن تي اهلڪار مقرر آهن، جيڪي عمري ??ي زائرين جي آجيان ڪ??دا ۽ کين مطاف ۾ داخل ڪرڻ ۾ مدد ڪندا. اٿارٽي ٻڌايو ته مطاف طرف ويندڙ رستن ۾ سڀ کان اهم دروازو باب عبدالعزيز گيٽ آهي. ٻين رستن م باب فهد، باب عمره ۽ باب سلام آهي. ڀلاري مهيني ۾ مطاف رڳو عمرو ڪندڙن لاءِ مختص هوندو جڏهن ته ٻيا زائرين مٿين منزلن تي طواف ڪري سگهندا. ان حوالي سان سمورا انتظام مڪمل آهن، اٿارٽي ٻين ادارن جي سهڪار سان رمضان المبارڪ آپريشنل پلان تيار ڪيو آهي، جنهن تي عمل ڪيو ويندو ته جيئن زائرين حرم ۾ آساني سان عبادت، طواف ۽ نمازون ادا ڪري سگهن.
سعودي عرب: رمضان المبارڪ دوران مطاف عمري جي زائرين لاءِ مختص
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی قانونی حیثیت