گڏيل قومون -27 فيبروري (اي پي پي ) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو ??وتريش خبردار ڪيو آهي ته اسرائيل رفع تي جنگي يلغار ڪئي ته ان سان موت جو اهڙو طوفان ايندو جو اتي انساني بني??د تي امدادي ڪارروائيون مڪمل طور ختم ٿي وينديون. العربيه موجب هن جنيوا ۾ گڏيل قومن جي انساني حقن جي ڪميشن جي اجلاس ۾ رفع جو ذڪر ڪندي چيو ته هن وقت اتي 14 لک بي گهر فلسطينين پناهه ورتي آهي پر اسرائيل ان کي ڀرپور جنگي قوت سان نشانو بنائڻ جو اعلان ڪري چڪو آهي. هن چيو ته ان اسرائيلي جارحيت سان نه صرف 14 لک فلسطيني پناهگير خوفزده ٿين??ا پر ان سان امدادي ڪاروائين ۾ رڪاوٽ پيدا ٿيندي.
مضمون کا ماخذ : کینڈی کیش