دوشنبي- 23 فيبروري (اي پي پي) تاجڪستان ۾ 6.8 جي شدت جي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا جنهن سبب زلزلي وارن علائقن ۾ ڊيم ٽٽڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي ج??هن ته فوري طور تي ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جو اطلاع ناهي مليو. فرانس جي خابرو اداري آمريڪي عرضيات کاتي جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته تاجڪستان جي اوڀر واري صوبي گورنو بدخشان جي مورغوب ضلعي ۾ خميس تي صبح جو 6.8 جي شدت جي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا. جنهن جي اونهائي 20.5 ڪلوميٽر هئي. شروعاتي زلزلي جي 20 منٽن بعد 5 ۽ 4.6 جي شدت جا آفٽر شاڪس به محسوس ڪيا ويا، چائنه سينٽرل ٽيلي ويزن (سي سي ٽي وي) چائنه ارٿ ڪوئيڪ نيٽ ورڪ?? سينٽر مطابق زلزلي جو مرڪز چين جي سرحد کان وي??هي ترين هنڌ کان 82 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي هو جنهن کي چين جي صوبي سنڪيانگ جي اولهه طرف ڪاشغر ۽ ارتش جي شهرن ۾ به محسوس ڪيو ويو، زلزلي وارا علائقا خوشقسمتي سان ڳتيل آبادي وارا نه هئا. ج??هن ته ان علائقي ۾ موجود ڍنڍ ساريز جا بند ٽٽڻ جو خدشو آهي ان ڪري ڪجهه ملڪن ۾ ٻوڏ جو پڻ خطرو آهي. ساريز ڍنڍ تاجڪستان جي سڀ کان وڏي ڍنڍ آهي، ان کان علاوه ساريز ڍنڍ جي پٺيا?? پامير پهاڙن جي مرڪز ۾ هڪ قدرتي ڊيم به آهي. ماهرن خبردار ڪيو آهي ته جيڪ??هن ڊيم ٽٽي پئي ته ان جا نتيجا تمام خراب ثابت ٿيندا. هوڏانهن فوري طور تي ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جو اطلاع ناهي مليو.
تاجڪستان ۾ 6.8 جي شدت جي زلزلي جا لوڏا محسوس، آفٽر شاڪس، ڊيم ٽٽڻ جو خدشو
مضمون کا ماخذ : jogos de loteria Nordeste