اسلام آباد – 12 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن چيو آهي ته وفاقي گادي واري شهر ۾ لينڊ مافيا بلڪل برداشت نه ڪئي ويندي، غريبن ج?? زمينن تي ناجائز قبضو ڪندڙن ۽ لينڊ مافيا جي خلاف آپريشن عوام ۽ ميڊيا کي گڏ کڻي اڳتي وڌايو وڃي جڏهن ته وزيراعظم اسلام آباد ۾ لينڊ مافيا، ڊرگ ڊيلرز ۽ خاص طور تي تعليمي ادارن ۾ منشيات جي استعمال جي خلاف جاري مهم کي وڌيڪ منظم ڪرڻ ۽ ان کي موثر بڻائڻ جي لاءِ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم عمران خ??ن جي صدارت ۾ وفاقي گادي واري شهر سان لاڳاپيل معاملن جي حوالي سان اعل??ٰ سطحي اجلاس ٿيو.
مضمون کا ماخذ : فائر جوکر