اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پرڏيهي پاليسي ۾ اسان جي ترجيحن جو محور پاڪستان ۽ ان جا مف??د هوندو، عوام جي بهتري لاءِ اقتصادي سفارتڪاري کي استعمال ۾ آندو ويندو، پرڏيهي معاملن تي قومي اتفاق راءِ کي ترجيح ڏني ويندي، ان سلسلي ۾ مخالف ڌر جي وڏين پارٽين کي پڻ مشاورت جي دعوت ڏني ويندي، افغانستا?? ۾ ??من ۽ استحڪام پاڪستا?? ۾ ??من جي ضمانت آهي، ڀارت سان ڪشمير سميت پراڻا مسئلا موجود آهن، جڏهن ته انهن جي حل لاءِ ڳالهين کانسواءِ اڳتي وڌڻ جو ڪو رستو نه آهي، آمريڪا جي ترجيحن ۽ خدشن جو اندازو آهي جن کي سامهون رکندي واضح انداز ۾ ڳالهائينداسين، ملڪن جي عزت ۽ وقار برابر هوندو آهي. هو پرڏيهي و??ار?? جو قلمدان سنڀالڻ کانپوءِ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.
مضمون کا ماخذ : apostas lotomania