اسلام آباد – 06 سيپٽ??بر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف ٽيڪسٽائيل، زرعي مشينري ۽ دواسازي جي شعبن ۾ وسيع تر حصيداري سان سينيگال سان ٻطرفن وا??اري لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم هائوس ۾ سينيگال جي صدر ميڪي سال سان خصوصي ۽ وفدن جي سطح تي ڳالهين دوران وزيراعظم ٻطرفي وا??ار کي 30.469 ملين ڊالر ساليانو جي موجوده سطح کان وڌائي حقيقي صلاحيتن سان هم آهنگ ڪرڻ تي زور ڏنو. هن وقت پاڪ??تا?? جي سينيگال جي لاءِ ساليانو روانگي وا??ار 29.33 ملين ڊالر آهي جڏهن ته سينيگال سان آمدني وا??ار جو ڪاٿو 1.06 ملين ڊالر آهي. ڳالهين دوران وزيراعظم محمد نواز شريف ۽ سينيگال جي صدر پنهنجي پنهنجي وفدن جي سربراهي ڪئي. وزيراعظم نواز شريف سينيگال جي صدر تي زور ڀريو ته هو چمڙي ۽ هلڪي انجنيئرنگ جي مصنوعات، زرعي مشينري ۽ ساز و سامان سميت پاڪ??تا??ي مصنوعات مان فائدو کڻي. هن چيو ته ان ڏس ۾ اسان جي وا??ار واري وزير جي سربراهي ۾ وا??اري ۽ سيڙپڪاري وفد سينيگال جو دورو ڪري سگهي ٿو. هن شگر ۽ سيمنٽ پلانٽ قائم ڪرڻ جي لاءِ سينيگال کي فني تعاون جي فراهمي کانسواءِ زرعي شعبي کي هٿي وٺرائڻ جي آ?? پڻ ڪئي.
وزيراعظم پاران سينيگال سان ٻطرفن واپاري لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ تي زور
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشگوئی