رياض-19 اپريل(اي پي پي)سعودي عرب گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل پاران گڏيل قومن ۾ فلسطيني ??ياست جي مڪمل ميمبر شپ کي تسليم ڪرڻ واري ٺهراءَ جي ناڪامي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي، ميڊيا رپورٽن موجب سعودي عرب جي پرڏيهي وزارت ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي ته گڏيل قومن ۾ فلسطيني ??ياست جي مڪمل ميمبر شپ قبول ڪرڻ ۾ رڪاوٽون اسرائيلي قابض رياست جي مداخلت ۽ ان جي پارا?? عالمي قانون جي لڳاتار خلاف ورزين کي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي جاري رکڻ ۾ مدد فراهم ڪن ٿيون. پرڏيهي وزارت عالمي برادري تي زور ڀريو آهي ته غزه ۾ فلسطيني ??هرين تي قابض اسرائيلي حملن کي روڪڻ، فلسطيني ??وام جي خود اراديت واري حق جي حمايت ۽ 1967 جي سرحدن تي مشتمل فلسطيني ??ياست جي قيام جي ذميواري قبول ڪري،عرب امن فارمولي کي اڳيان وڌائي ۽ گادي واري شهر اوڀر بيت المقدس تي مشتمل فلسطيني ??ياست جي قيام کي تسليم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، واضع رهي ته خميس تي سلامتي ڪونسل جي اجلاس ۾ آمريڪا الجزائر پاران فلسطين کي گڏيل قومن جي مڪمل ميمبر شپ ڏيڻ لاءِ پيش ڪيل ٺهراءَ خلاف پنهنجي ويٽو پاور جو استعمال ڪيو،سلامتي ڪونسل جي 12 ميمبرن ٺهراءَ جي حمايت ڪئي جڏهن ته آمريڪا ان ٺهراءَ کي ??يٽو ڪيو.
گڏيل قومن ۾ فلسطين جي مستقل ميمبر شپ جي ٺهراءَ جي ناڪامي افسوس جوڳي آهي:سعودي عرب
مضمون کا ماخذ : آزاد کشمیر لاٹری