گڏيل قومون-02 اپريل (اي پي پي)روس شام جي گادي واري شهر دمشق ۾ ايران جي سفارتخاني جي قونصلر سيڪشن تي اسرائيل جي هوائي حملي تي بريفنگ لاءِ سلامتي ڪائونسل جو اجلاس طلب ڪيو آهي. تاس مطابق گڏيل قومن ۾ روس جي نائب مستقل نمائندي دمتري پوليانسڪي اعلان ??يو آهي ته شام ۾ ايران جي سدارتي ٺڪاڻي تي اسرائيل جي حملي تي روس ج?? درخواست تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل اجلاس سڏايو آهي. اهو اجلاس نيويارڪ ۾ پاڪستاني وقت موجب اڱاري ۽ اربع جي ر??ت وچ ۾ رات جو 12 وڳي شروع ٿيندو. روس جي نمائندي جي بيان مطابق ايران دمشق ۾ پنهنجي سفارتخاني تي اسرائيل جي حوائي حملي جي مذمت لاءِ سلامتي ڪائونسل سان رجوع ڪيو آهي. روس جي نمائندي چيو آهي ته ان سلسلي ۾ ايران جو خط ملڻ بعد اسان سلامتي ڪائونسل ۾ اسرائيل جي ان قدم تي ه?? کليل بريفنگ ج?? درخواست ڪئي آهي. اسان ج?? درخواست تي سلامتي ڪائونسل جي صدر مالٽا جي نمائندي اجلاس سڏائڻ جو اعلان ??يو آهي.
دمشق ۾ ايران جي سفارتخاني تي اسرائيل جو هوائي حملو، روس سلامتي ڪائونسل جو اجلاس طلب ڪري ورتو
مضمون کا ماخذ : میگا سینا اکمولاڈا