بيجنگ-06 نومبر (اي پي پي) چين چيو آهي ته عال??ي برادري غزه ۾ بگڙجندڙ انساني صورتحال تي توجهه ڏي. چيني خابرو اداري مطابق چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان وانگ وين بين پريس ڪانفرنس ۾ فلسطين اسرائيل جنگ سان جنم وٺندڙ انساني الميي جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ چيو آهي ته موجوده جنگ ۾ 11 هزار کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار بڻجي ويا آهن. عال??ي برادريءَ ک?? اهڙي طرح جي سانحن جو تسلسل روڪڻ گهرجي. ترجمان نشاندهي ڪئي ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي هاڻوڪي خصوصي اجلاس ڳري اڪثريت سان هڪ قرارداد منظور ڪئي، جنهن مطابق ڌُرين قانون مطابق فوري تي جنگبنديءَ جو مطالبو ڪيو ويو، بين الاقوامي انساني قانون مطابق عام شهرين، شهري ??ڪا??ن ۽ افرادي عملي ۽ ??ڪا??ن جو احترام ۽ تحفظ ڪيو وڃي ۽ ٻه رياست?? حل جي عزم کي ورجايو وڃي. هي عال??ي برادري جي مضبوط آواز جي عڪاسي ڪري ٿو. وانگ وين بين چيو ته سلامتي ڪائونسل جي موجوده چيئرمين ملڪ جي حيثيت سان چين فلسطين ۾ امن جي بحاليءَ لاءِ پنهنجي پوري ڪوشش ڪن??و ۽ تڪرار ۾ ٽياڪڙي، ڇِڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ ۽ فلسطين مسئلي کي ٻه رياست?? حل جي راهه تي واپس آڻڻ لاءِ عال??ي برادريءَ سان گڏجي ڪم ڪن??و.
عالمي برادري غزه ۾ بگڙجندڙ انساني صورتحال تي توجهه ڏي: چين
مضمون کا ماخذ : jogos de raspadinha