قاهره -26 سيپٽمبر (اي پي پي) مصر ۾ اليڪشن اختيارين صدارتي چونڊ 10 کان 12 ڊسمبر تي ڪرائڻ جو ا??لا?? ڪيو آهي. سعودي ميڊيا مطابق نيشنل اليڪشن اٿارٽي جي چيئرمين جسٽس وليد حسن حمزه ٻڌايو ته پولنگ 10، 11 ۽ 12 ڊسمبر تي ٿيندي، اميدوار آڪٽوبر کان درخواستون جم?? ڪر??ئي سگهندا، اميدوارن جي فهرست کي 9 نومبر تي حتمي شڪل ڏني ??ين??ي، چونڊ مهم 29 نومبر تائين جاري رهندي ۽ نتيجن جو ا??لا?? 18 ڊسمبر تي ڪيو ??ين??و. اڳوڻي آرمي چيف صدر عبدالفتاح السيسي جو اٽڪل هڪ ڏهاڪي کان اقتدار ۾ آهي اڃا تائين پنهنجي اميدواري جو باقاعده ا??لا?? ناهي ڪيو. 68 سالن جو عبدالفتاح السيسي پهريون ڀيرو 2014ع ۾ صدر چونڊيو هو ۽ وري 2018ع جي چونڊن ۾ ڪامياب ٿيو. هاڻي تائين رڳو ٻن ٻين اميدوارن چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو ا??لا?? ڪيو آهي. جنهن ۾ مخالف ڌر جو سياستدان احمد الطعطاوي شامل آهي. مصر جي سوشل ڊيمو ڪريٽڪ پارٽي جي صدر فريد زهران به چونڊ ۾ حصو وٺڻ جو ارادو ظاهر ڪيو آهي.
مصر ۾ صدارتي چونڊ لاءِ پولنگ 10 کان 12 ڊسمبر تي ٿيندي: نيشنل اليڪشن اٿارٽي
مضمون کا ماخذ : لاٹوفاسیل