گڏيل قومون – 02 مئي(اي پي پي) گڏيل قومن جي سلا??تي ڪائونسل جي هڪ ڪميٽي افغانستان ۾ طالبان انتظاميه جي وقتي پرڏيهي وزير ??مي?? خان متقي کي پاڪستاني ۽ چيني هم منصبن سان ملاقات لاءِ ايندڙ هفتي پاڪستان وڃڻ جي اجازت ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. عالمي اداري ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم ”اي پي پي“ کي ٻڌايو ته گڏيل قومن جي سلا??تي ڪائونسل جي ڪميٽي وقتي افغان پرڏيهي وزير ??مي?? خان متقي کي پاڪستاني ۽ چيني پرڏيهي وزيرن سان ملاقات لاءِ ايندڙ هفتي پاڪست??ن جو سفر ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جي درخواست کي قبول ڪري ورتي آهي. سلا??تي ڪائونسل جي 15 رڪني ڪميٽي کي لکيل خط مطابق گڏيل قومن ۾ پاڪستاني مشن درخواست ڪئي هئي ته ??مي?? خان متقي کي 6 کان 9 مئي جي وچ ۾ پاڪستان ۽ چين جي پرڏيهي وزيرن سان ملاقات لاءِ استثنا ڏني وڃي جڏهن ته ان درخواست ۾ اهو نه ٻڌايو ويو ته ملاقات ۾ ڪهڙن معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي.
گڏيل قومن پاران افغان پرڏيهي وزير کي پاڪستاني ۽ چيني هم منصبن سان ملاقات لاءِ اسلام آباد سفر جي اجازت
مضمون کا ماخذ : sorteios quina