بيجنگ- 23 فيبروري (اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ چيو آهي ته عالمي طور سائنسي ۽ فني چٽاڀيٽي کي منهن ڏيڻ ۽ اعليٰ سطح تي پاڻ ڀاڙڻ لاءِ بنيادي تحقيق کي مضبوط بڻائڻ هڪ اهم ڳالهه آهي. چيني ميڊيا موجب اها ڳالهه هن سي پي سي مرڪزي ڪميٽي جي سياسي بيورو جي ميمبرن کي خط??ب ڪندي ڪئي جنهن ”بنيادي تحقيق کي مضبوط بڻائڻ“ جي خصوصي موضوع تي هڪ گروپ مطالعو ڪيو. هن چيو ته چين جي نئين ترقياتي ڍانچي ۾ پاڻ ڀاڙڻ تي ٻڌل سائنسي ۽ فني جدت کي اولين ترجيح ڏيڻ گهرجي ۽ ان ۾ بنيادي تحقيق هڪ انتهائي اهم حصو ??هي?? چين بنيادي تحقيق لاءِ اداره جاتي گارنٽي، سيڙپڪاري ۽ باصلاحيت ماڻهن جي تربيت کي مضبوط بڻائي??دو. صدر شي جن پنگ چيو ته گڏ??ل ترقياتي مشڪلاتن کي حل ڪرڻ لاءِ انسانيت کي عالمي تعاون ۽ کليل سهڪار جي پهرين کان وڌيڪ ضرورت ??هي?? چين هڪ عالمي بنيادي تحقيقي تعاون جو پليٽ فارم جوڙيندو، هڪ عالمي سائنسي تحقيقي فنڊ قائم ڪندو، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جو قومي منصوبو قائم ڪندو ۽ موسمياتي تبديلي، توانائي جي سلامتي، حياتياتي تحفظ ۽ آوٽرسپيس جي استعمال جهڙن عالمي مسئلن تي چين ۽ ٻين ملڪن جي گڏيل سائنسي تحقيق کي سگهه ڏي??دو.
چين بنيادي تحقيق جي ميدان ۾ نون قدمن لاءِ پرعزم، فني جدت کي اولين ترجيح ڏيڻ گهرجي: چيني صدر
مضمون کا ماخذ : پاور بال کا ٹکٹ