اسلام آباد – 27 جون (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ وزيراعظم عمران خان جي علائقائي سل??متي، رابطن ۽ امن ۽ استحڪام جي ويزن تحت افغان صدر جي پا??ستان جي دوري کي اهم قرار ڏيندي چيو آهي ته پا?? – افغان ڳالهين دوران ٽرانزٽ ٽريڊ، علائقائي رابطا، خطي ۾ امن، سل??متي ۽ استحڪام سميت وسيع تر معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ عملي قدمن جي ضرورت کي اجاگر ڪيو ويو، پا??ستان افغانستان سان پنهنجي روانگي واپار کي 3 ارب ڊالر تائين وڌائڻ چاهي ٿو، افغان صدر جو دورو ٻه طرفي لاڳاپن کي مثبت رخ ۾ اڳتي وڌائڻ جو ذريعو بڻجندو، وزيراعظم عمران خان جي ق??اد?? ۾ پا??ستان دنيا سان جامع رابطن کي فروغ ڏئي رهيو آهي، علائقائي رابطا ان سل??لي جي پهرين ڪڙي آهن. هو افغان صدر اشرف غني جي پا??ستان جي دوري جي حوالي سان ميڊيا سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪري رهي هئي.
افغانستان سان روانگي واپار 3 ارب ڊالر تائين وڌائڻ چاهيون ٿا: فردوس عاشق اعواڻ
مضمون کا ماخذ : کنگ کانگ روش