اسلام آباد – 02 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??ي صدارت ۾ وفاقي ڪا??ين?? اي سي ايل ۾ وڌل 172 ماڻهن جي نالن ت?? نظرثاني جي لاءِ معاملو اي سي ايل جائزه ڪميٽي ڏانهن موڪلڻ، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ 3 ججن جي اضافي، غربت مٽائو ادارن کي گڏ ڪري غربت مڪائو ڪوآرڊينيشن ڪائونسل قائم ڪرڻ، ڳڙهه جي پيداوار ۽ ايڪسپورٽ تي لاڳو پابندي هٽائڻ، بي آر ٽي پشاور جي لاءِ 123 ملين يورو جو قرض، تيل ۽ گئس جي ڊرلنگ جي لاءِ هيوي مشينري تي ايڊيشنل ڪسٽم ڊيوٽي ختم ڪرڻ جي منطوري ڏئي ڇڏي آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين وفاقي ڪا??ين?? جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بري??نگ ۾ ٻڌايو ته ڪا??ين?? اجلاس دوران وزيراعظم عمران خان مهانگائي تي نوٽيس ورتو ۽ ڀاڄين، ميون ۽ ٻين ضروري شين جي قيمتن ۾ استحڪام جي لاءِ عملي قدمن تي زور ڏنو.
مضمون کا ماخذ : loteria estadual