اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) ملڪ جي چونڊيل نئين وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ملڪ لٽيندڙن ۽ قرضي ??ندڙن جي سخت احتساب جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ڪنهن کي اين آر او نه ملندو. قومي اسيمبلي ۾ قائدايوان چونڊجڻ کانپوءِ پنهنجي پهرين خطاب ۾ عمران خان چيو ته هو اڄ الله تعاليٰ ۽ پنهن??ي قوم جو ٿورو ادا ڪري ٿو جنهن کيس ملڪ ۾ تبديلي آڻڻ جو موقعو ڏنو جنهن جو قوم 70 سالن کان انتظار ڪري رهي هئي، هن چيو ته هو پنهن??ي قوم سان واعدو ڪري ٿو ته هو اهڙي تبديلي آڻيندو جنهن لاءِ هو سڪي رهي هئي، هن چيو ته هاڻي سڀ کان پهرين ملڪ ۾ سخت احتساب ڪرڻو آهي ۽ جنهن ماڻهن ملڪ کي ڦريو ۽ قرضي بڻايو انهن کي احتساب جي ڪٽهڙي ۾ بيهاريو ويندو.
مضمون کا ماخذ : اٹلانٹس کا بادشاہ