اسلام آباد – 09 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري مملڪتي وزير بئريسٽر سيد علي ظفر چيو آهي ته نگران حڪومت پنهنجي آئيني مدت جي دوران توانائي، صحت، تعليم، معيشت سميت هر شعبي ۾ درپيش چئلينجز ۽ انهن جي حل لاءِ متوازن گائيڊ لائينون تيار ڪري ورتيون آهن جيڪي نئين چونڊيل حڪومت جي حوالي ڪيون وينديون. هو لوڪ ورثا ۾ اطلاعات ۽ نشريات و??ري وزارت جي ذيلي اداري ڊائريڪٽوريٽ آف الي??ٽر??نڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز (ڊيمپ) جي اهتمام هيٺ پاڪستان جي تاريخ جي حوالي سان تصويري نمائش جي افتتاحي تقريب کي خطاب ۽ صحافين سان ڳالهائي رهيو هو، ڊي جي ڊيمپ سردار عبدالواحد، ڊي جي لوڪ ورثه سميت اطلاعات ۽ نشريات و??ري وزارت جا عملدار به تقريب ۾ موجود هئا. اطلاعات ۽ نشريات و??ري وزير بئريسٽر سيد علي ظفر ڊائريڪٽوريٽ آف الي??ٽر??نڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز طرفان پاڪستان تاريخ جي حوالي سان تاريخي نمائش جي ا??عق??د کي ساراهيندي چيو ته هڪ تاريخي نمائش جو ا??عق??د ڪيو ويو آهي هي نمائس ڇهه ڏينهن تائين جاري رهندي.
درپيش چئلينجز ۽ انهن جي حل لاءِ گائيڊ لائين تيار ڪري ورتي آهي: سيد علي ظفر
مضمون کا ماخذ : پیش گوئی اور حکمت عملی