ڪويت سٽي – 06 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري جي لاءِ مثالي ۽ سازگار ماحول موجود آهي ۽ ڪو??ت جي واپاري برادري پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻي، حڪومت سيڙپڪارن کي هر ممڪن مدد ۽ سهولت فراهم ??ري رهي آهي. هن اها ڳالهه ڪو??ت جي ببيان پيلس ۾ ڪويت چيمبر آف ڪامرس جي ميمبرن تي ٻڌل هڪ وفد سان ڳالهائيندي چئي. اهم اقتصادي ڪاميابين کي اجاگر ڪندي وزيراعظم چ??و ته موجوده حڪومت جي اڻٿڪ ڪوششن کانپوءِ معيشت بحال ٿي آهي، ناليوارن عالمي ادارن ميڪرو اڪنامڪ استحڪام، جي ڊي پي گروٿ، گهٽ ناڻي واڌ جي شرح ۽ اسٽاڪ ايڪسچينج جي نئين بلندين ۾ پاڪستان جي زبردست ڪاميابين کي ساراهيو آهي.
مضمون کا ماخذ : لاٹوفاسیل