تهران _ 28 آگسٽ (اي پي پي ) ايرا?? جي سپريم ليڊر آيت ا??له سيد علي خامنه اي ملڪ جي ايٽمي پروگرام جي حوالي سان آمريڪا سان ڳالهين جا دروازا کولي ڇڏ??ا آهن. پرڏيهي اداري مطابق آيت ا??له خامنه اي صدر مسعود پيز شڪيا?? جي انتظام هيٺ ايراني حڪومت کي ٻڌايو ته دشمن سان ڳالهيون ڪرڻ ۾ ڪا رڪاوٽ ناهي، جڏهن ته هن پنهنجو اهو موقف به ورجايو ته آمريڪا اعتبار جوڳو ناهي. سرڪاري ٽيليويزن تي نشر بيان ۾ سيد علي خامنه اي چيو آهي ته اسان کي پنهنجون اميدون دشمن مان نه رکڻ گهرجن، پنهنجن منصوبن لاءِ اسان کي دشم?? جي منظوري جو انتظار نه ڪرڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته اهو تضاد ناهي ته دشمن سان ڪجهه موقعن تي ڳالهيون ڪيون وڃن ۽ ان حوالي سان ڪا رڪاوٽ ناهي. آيت ا??له خامنه اي (جنهن کي سمورن رياستي معاملن ۾ حتمي اختيار حاصل آهي) صدر پيز شڪيا?? جي حڪومت کي خبردار ڪيو آهي ته دشمن تي ڀروسو نه ڪيو وڃي.
ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي پاران ايٽمي پروگرام بابت آمريڪا سان ڳالهين جي اجازت، دشمن تي ڀروسو نه ڪرڻ جو مشورو
مضمون کا ماخذ : loterias da caixa