ڪولمبو-23 سيپٽمبر (اي پي پي ) سريلنڪا جي اليڪشن ڪميشن اعلان ڪيو ??هي ته مارڪسسٽ قانون ساز انورا ڪمارا ڊسانائيڪي صدارتي چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب پيپلز لبريشن فرنٽ اتحاد جي 55 ورهين جي اڳواڻ انورا ڪمارا ڊسانائيڪا کي هفتي جي آخر ۾ ٿيل چونڊن ۾ پنهنجي ويجهي مخالف جي ڀيٽ ۾ اٽڪل 13 لک وڌيڪ ووٽن سان ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي. ڊسانائيڪا کي 57 لک 40 هزار ??وٽ جڏهن ته سندس مخالف ساجهه پريماداسا کي 45 لک 30 هزار ??وٽ مليا . موجوده لبرل صدر انيل وڪرم سنگهه ( ٻه سال اڳ ان وقت ملڪ جي قيادت سنڀالي جڏهن معيشت پنهنجي بدترين حالت ۾ هئي ان کي ووٽن ۾ ٽيون نمبر مليو ??هي . سريلنڪا جي چونڊيل صدر پنهنجي هم وطنن کي دعوت ڏني ??هي ته هو مالي بحران جي شڪار ملڪ جي مدد ۾ سامل ٿين .اليڪشن ۾ ڪاميابي جي اعلان بعد هڪ بيان ۾ هن چيو ته صدين کان جيڪو خواب ڏٺو هيو اهو آخر ڪار پورو ٿي رهيو آهي. اها فتح ??سان سڀني جي آهي.
سريلنڪا جو مارڪسسٽ قانون ساز انورا ڪمارا ڊسانائيڪي صدارتي چونڊن ۾ سوڀارو
مضمون کا ماخذ : نتیجہ بہت زیادہ