جوهانسبرگ -21فيبروري (اي پي پي)ڏکڻ آفريقا ۾ 29 مئي تي عام چونڊون منعقد ڪرائڻ جواعلان ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب ڏکڻ آفريقا جي صدر سيرل رامافوسا ملڪ ۾ چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ڏکڻ آفريقا ۾ پارليامينٽ جي ميمبرن جي چونڊن لاءِ 29 مئي 2024 ع جي تاري?? مقرر ڪئي وئي آهي،جنهن جي نتيجن کان پوءِ ملڪ جي صدر جي چونڊ ڪئي ويندي، هن چيو ته سمورن ڏکڻ آفريقين کي اپيل ڪيان ٿو ته اهي پنهنجي ووٽ جي جمهوري حق جو استعم??ل ڪن،واضع رهي ته آفريقي نيشنل ڪانگريس (اي اين سي) جنهن نسل پرستي جي خاتمي کان پوءِ 1994 ۾ په??ين آزاد چونڊن کان پوءِ ڏکڻ آفريقا جي اڳواڻي ڪئي جيڪڏهن چونڊن ۾ اڪثريت حا??ل نه ڪئي ته ان کي حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ اتحادين جي ضرورت پوندي.
مضمون کا ماخذ : سامراا سپلٹ