گڏيل قومون-27 سيپٽمبر (ا?? پي پي) پاڪستان افغانستان ۾ موجود تحريڪ طالبان پاڪستان کي خطي?? عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو قرار ڏئي ڇڏيو آهي، گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم افغانستان جي صورتحال تي 15 رڪني سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ خبردار ڪيو آهي ته افغانستان ۾ داعش جي خاتمي کانپوءِ ننڍا دهشتگرد گر??پ ٽي ٽ?? پي ۾ شامل ٿي سگهن ٿا جيڪي خطي?? عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو آهن، هن چي?? ته جيستا??ين ٽي ٽ?? پي ۽ ٻين دهشتگرد گر??هن جو خاتمو نٿو ڪيو وڃي اهي افغانستان جي پاڙيسري ملڪن ۽ امڪاني طور تي عالمي برادري لاءِ سدا??ين خطرو بڻيل رهندا. هن چي?? ته ٽي ٽ?? پي پاڪستاني فوجي چوڪين ۽ پاڪستان جي اندر شهري هدفن تي سرحد پار کان دهشتگرد حملن جي ذميوار آهي. نالي وٺڻ کانسواءِ ڀارت طرف اشارو ڪندي هن چي?? ته خطي ۾ حالتن کي خراب ڪندڙ ملڪن طرفان ٽي ٽ?? پي جي سرپرستي سان انهن خدشن ۾ اضافو ٿيو آهي. هن افغانستان جي طالبان حڪومت جي داعش خراسان ۽ داعش جي دهشتگردن خلاف جنگ ۾ ڪجهه حد تا??ين حاصل ٿيل ڪاميابي جي باري ۾ ڳالهه ڪئي ۽ کين بي اثر ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي حمايت ۽ سهڪار جي عزم جي تصديق ڪئي. هن چي?? ته ٽي ٽ?? پي جا دهشتگردن طرفان پرڏيهي فوج جا ڇڏيل جديد فوجي ساز ۽ سامان حاصل ڪرڻ ۽ استعمال سبب سرحدي حملا وڌيڪ خطرناڪ ٿي ويا آهن، هن چي?? ته پاڪستان اندر ٽي ٽ?? پي حملن ۾ وڌيڪ افغان شهري شامل آهن. منير اڪرم چي?? ته افغان حڪومت افغانستان لاءِ پاڪستان جي خصوصي ايلچي آصف دراني کي انهن حملن ۾ ملوث ٽي ٽ?? پي عنصرن خلاف ڪارروائي جي خاطري ڪرائي آهي. ان کانسواءِ پاڪستان مان ڊالر جي افغانستان اسمگلنگ جي پاڪستان جي معيشت ۽ پاڪستاني ڪرنسي جي قدر تي تباهي آڻيندڙ اثر پيا آهن تنهن هوندي به موجوده حڪومت طرفان ڪرنسي جي اسمگلنگ خلاف موثر ڪريڪ ڊائون جي نتيجي ۾ صورتحال مستحڪم ٿي آهي. هن زور ڀريو ته افغان بئنڪنگ سسٽم کي بحال ڪرڻ گهرجي، ٻاهرين ملڪ رکيل افغانستان جا قومي اثاثا آجا ڪرايا وڃن ۽ کين افغانستان کي واپس ڪيو وڃي ۽ ترقياتي منصوبن لاءِ افغانستان جي مالي امداد بحال ڪئي وڃي، هن چي?? ته اسان پاڪستان، افغانستان، وچ ايشيا سان گڏوگڏ پاڪستان – چي?? ۽ افغانستان وچ ۾ علائقائي رابطن جي منصوبن جي جلد لاڳو ڪرڻ جا منتظر آهيون.
ٽي ٽي پي خطي، عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو آهي، افغانستان جا پرڏيهه ۾ پيل اثاثا آجا ڪرايا وڃن: منير اڪرم
مضمون کا ماخذ : quina acumulada