گڏيل قومون-27 جون (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم ع??دا??اضحيٰ تي ڪشميري عوام کي پنهنجي حقِ خوداراديت لاءِ ڪيل جرئتمنداڻي جدوجهد کي خراجِ تحسين پيش ڪندي سڄي دنيا جي مسلمانن کي ع??دا??الضحيٰ جون مبارڪون ڏن??ون آهن. هن آمريڪا ۾ 28 جون تي ع??دا??ضحيٰ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته عيد جي موقعي تي اسلام جي ناقابل اصولن موجب انهن سمورن فردن جي حمايت ۽ انهن سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو وڃي جيڪي جنگ، وبا، استحصال ۽ غير ملڪي قبضي ۾ زندگي گذاري رهيا آهن. هن چيو ته هيءَ عيد ڄمون ڪشمير ۾ اسان جي بهادر ڀائرن ۽ ڀينرن لاءِ امن ۽ خوشحالي آڻي جيڪي پنهنجي آ??ادي ۽ حق خوداراديت لاءِ بي پناهه قربان??ون ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته اچو اسان هن عيد تي عالمي سطح تي بُک کي ختم ڪرڻ ۽ سڄي دنيا ۾ عدم مساوات، ناانصافي ۽ اڻبرابريءَ واري سلوڪ کي ختم ڪرڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪريون. هن سمورن مسلمانن کي ع??دا??اضحيٰ جون مبارڪون ڏن??ون ۽ نيڪ خواهش جو به اظهار ڪيو.
گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي جو ڪشميري عوام جي جدوجهد تي خراجِ تحسين پيش، مسلمانن کي عيدالاضحيٰ جون مبارڪون
مضمون کا ماخذ : سانتا کی جنگلی سواری۔