اسلام آباد – 13 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ جو ڪو به صوبو هجي يا ان جو ڪو حصو، گهٽ ترقي يافه علائقن کي ترقي جي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ سان احساس محرومي ختم ٿيندي، سمورين سياسي پارٽين جي اتفاق راءِ سان اڳوڻي فاٽا جي سيٽن جي تعداد ۾ اضافي جو فيصلو خوش آئنده آهي، ان سان اڳوڻي فاٽا جي عوام کي اهو احساس ٿيندو ته انهن جا مسئلا حل ڪيا پيا وڃن، قومي مالياتي ڪميشن ۾ فاٽا کي 3 سيڪڙو اضافي حصو ڏيڻ تي هر صورت ۾ عملدرآمد ڪيو ويندو. قومي اسيمبلي ۾ خيبرپختونخوا صوبي ۾ ضم ٿيندڙ قبائلي ض??عن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي سيٽن جي نئين سر جوڙجڪ جي لاءِ آئيني (ترميمي) بل 2019ع تي بحث سهيڙيندي وزيراعظم ??يو ته اڄ مون کي گهڻي خوشي ٿي آهي ته فاٽا جي حوالي سان ا?? اهم آئيني ترميم جي سڄي ايوان حمايت ڪري رهيو آهي.
مضمون کا ماخذ : estatísticas quina