اسلام آباد – 20 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته مائرن، ڀينرن ۽ ڌيئر?? جي دعائن سان اهو ڏينهن جلد ايندو جڏهن ڪشمير مان ظلم ختم ٿيندو، ڏاڍ ۽ طاقت جي ڀارتي حربا مليا ميٽ ٿيندا ۽ ڪشمير آزاد ٿيندو، ڪشميري عوام خاص طور تي عورتون پنهنجي عز??، صبر ۽ رت سان ڪشمير جو داستان لکي رهيون آهن، اطلاعات واري وزارت ۽ ا?? جي ذي??ي ادارن ۽ ميڊيا جي مختلف شعبن سان لاڳاپيل عورتون اڄ پس منظر جي ڪردار مان نڪري رستن تي اچي ڪشميري عورتن کي پنهنجي حمايت جي خاطري ڪرائڻ لاءِ گڏ آهن جنه?? جي چهرن تي ڪشمير سان رشتي جي جهلڪ نظر اچي رهي آهي ۽ ظلم آخري هڏڪيون وٺي رهيو آهي، وزيراعظم عمران خان به پنهنجي دوري دوران گڏيل قوم?? جي ج??رل اسيمبلي ۾ ڪشميرين جو آواز بڻجندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڀارتي والاريل ڪشمير جي عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ ا?? جي ذي??ي ادارن ۽ ميڊيا سان لاڳاپيل عورت ڪارڪنن ۽ آفيسر?? جي ريلي کي خطاب ڪندي ڪيو.
سڀني جي دعائن سان ڪشمير مان ظلم جلد ختم ٿيندو: ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری کے انعامات