اسلام آباد – 17 نومبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت سرڪاري وسيلن جي بيدر??ي سان استعمال، رائيونڊ جي سيڪيورٽي تي 60 ڪروڙ رپيا خرچ ??رڻ ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال تي ميان ڀائرن جي خلاف وڌيڪ 4 ڪيس نيب ڏانهن موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي، گذريل حڪومت جي دور ۾ سرڪاري ذريعن جو بيدر??ي سان استعمال ڪيو ويو، انهن جي آڊٽ ڪري رهيا آهيون، وز??راعظم ۽ وز??راعليٰ هائوس جو رڪارڊ نيب جي حوالي ڪري رهيا آهيون، تحقيقي صحافت احتساب جي عمل ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، برطانوي اخبار شريف خاندان جي ملڪيت بابت تحقيقي خبر شايع ڪئي، جنهن ۾ نواز شريف جي گهرواريءَ جي نالي تي برطانيا ۾ هڪ فليٽ جي اونرشپ ٻڌائي وئي آهي، نيب جي قانونن ۾ ترميم جي لاءِ تيار آهيون پر نيب مٿان وڌيڪ نگراني جو ادارو ويهارڻ جو ڪو ارادو نه آهي، عوام اسان جي چونڊ ڪئي آهي، اسان ماڻهن کي جوابده آهيون. اها ڳالهه وز??راعظم جي احتساب بابت خصوصي معاون شهزاد اڪبر ۽ وز??راعظم جي خصوصي معاون افتخار دراني نئين انفارميشن سروس اڪيڊمي اسلام آباد ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس دوران ٻڌائي.
ميان ڀائرن خلاف وڌيڪ 4 ڪيس نيب ڏانهن موڪليا ويندا: افتخار دراني / شهزاد اڪبر
مضمون کا ماخذ : پاور بال لاٹری