اسلام آباد – 26 جنوري (اي پي پي) ان??ون??شيا جي صدر جوڪو ودودو چيو آهي ته ??وج?? طاقت جي استعمال ۽ هٿيارن جي ڊوڙ سان تڪرارن جو حل ممڪن ناهي، جمهوريت اسان جي ماڻهن جي مفادن ۽ مسئلن ??و بهترين تحفظ آهي، جمهوريت فيصلا سازي ۾ به اهم ڪردار رکندڙ آهي، جمهوريت جي ڪري ئي ان??ون??شيا ۾ معاشي واڌ ويجهه جي شرح پنج سيڪڙو کان وڌيڪ ۽ مستحڪم آهي. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان ۽ ان??ون??شيا جي دوستي نئين نئين قائم ناهي ٿي پر اسان پاڪستان جو ان لاءِ به قدر ڪندا آهيون ته پاڪستان اسان جي آزادي جي تحريڪ ۾ ڪردار ادا ڪيو، 17 آگسٽ 1995ع تي ان??ون??شيا جي سالگرهه جي موقعي تي پاڪستان جي باباءِ ق??م قائد اعظم کي ان??ون??شيا جي آزادي جي جدوجهد جي حمايت تي ان??ون??شيا جو سڀ کان وڏو سول ايوارڊ ڏنو ويو، هن چيو ته پاڪستان ۽ ان??ون??شيا جي وچ ۾ ڪيترائي قدر گڏيل آهن.
جمهوريت جو فيصلا سازي ۾ اهم ڪردار آهي: انڊونيشيا جو صدر
مضمون کا ماخذ : فائر جوکر