پشاور – 13 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته نوجوانن جو روزگار جو مسئلو آءِ ٽي جي شعبي ۾ انقلاب سان حل ٿيندو، انقلاب ڳالهين ۽ دعوائن سان نه پر رڳو ڪم سان اچي ٿو، ماضي ۾ منصوبن جا اعلان ۽ سنگ بنياد رکيا ويندا هئا جڏهن ته منصوبا مڪمل نه ٿيندا هئا، اسان جي حڪ??مت جيڪو منصوبو شروع ڪيو اهو مڪمل ڪيو، مو??وده حڪ??مت هزارين ڪ??وم??ٽر موٽرويز ۽ 10 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ڪئي جڏهن ته نيشنل انڪيوبيشن سينٽر قائم ڪرڻ جو منصوبو وڌيڪ اهم آهي، نوجوانن کي روزگار ملندو ته انتهاپسندي جو خاتمو ٿيندو. هو پشاور ۾ نيشنل انڪيوبيشن سينٽر جي افتتاح جي موقعي تي خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم چيو ته پبلڪ پر??ئيويٽ حصيداري ۾ قائم اداري جو افتتاح هن علائقي ۽ آءِ ٽي جي لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندو. هي انڪيوبيشن سينٽر پائليٽ پر??جيڪٽ آهي. هن چيو ته هزارين ڪ??وم??ٽر موٽرويز، 10 هزار ميگاواٽ بجلي جي پيداوار، اربين ڊالر جي سيڙپڪاري جا منصوبا مسلم ليگ (ن) جي مو??وده دور ۾ مڪمل ٿيا يا جاري آهن جڏهن ته انڪيوبيشن سينٽر قائم ڪرڻ جو منصوبو وڌيڪ اهم آهي، ان سان نوجوانن کي مستقبل جي رهنمائي ملندي.
نوجوانن جو روزگار جو مسئلو آءِ ٽي جي شعبي ۾ انقلاب سان حل ٿيندو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : اسرار ریلز