گڏيل قومون ?? 20 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ايران جي صدر محمد حسن روحاني سان نيويارڪ ۾ اهم ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ کانسواءِ علائقائي امن ۽ استحڪام تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم پرامن پاڙيسري جي پاليسي جو ورجاءُ ڪند?? ان موقعي تي چيو ته پاڪستان ايران سان پنهنجي لاڳاپن جي مضبوطي ل??ءِ پرعزم آ??ي. هن چيو ته ايران ۽ پاڪستان جا لاڳاپا هڪ تاريخ، ثقافت ۽ عوام سان عوام جي لاڳاپن تي قائم آ??ن، هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطح تي رابطن ۾ اضافي سان مختلف شعبن ۾ گڏيل مفادن تي ٻڌل لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۾ مدد ملندي.
مضمون کا ماخذ : تھور میگا ویز کی طاقت