اسلام آباد – 11 مارچ (ا?? پي پي) سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني چيو آهي ته مضبوط صوبا مضبوط وفاق جي علامت آهن، اين ايف سي ايوارڊ جو آئين جي مطابق هر پنجن س??لن کانپوءِ اعلان ضروري آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن پارليامينٽ هائوس ۾ سينيٽ جي پارلياماني سال جي پڄاڻي تي منعقد هڪ سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. سيمينار جو عنوان ”وفاقيت جي مضبوطي لاءِ سينيٽ جي اختيارن ۾ اضافو“ هو، هن چيو ته مضبوط صوبا مضبوط وفاق جي علامت آهن ۽ صوبن جي حقن جي بهتر تحفظ جي لاءِ لازمي آهي ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جا ووٽ برابر هجن. هن چيو ته سيني?? مضبوط هوندو ته صوبا به مضبوط هوندا ۽ ڌرين جي آئيني حقن کي تحفظ ملندو.
مضمون کا ماخذ : بولو دا میگا سینا