اوٽاوا-30 آڪتوبر (اي پي پي )ڪينيڊا ??ي حڪومت چيو آهي ته ڀارتي گهرو وزير اميت شاهه ڪينيڊا ۾ سک علحدگي پسندن کي نشانو بنائڻ ۾ ملوث آهي. اها ڳالهه ڪينيڊا ??ي نائب پرڏيهي وزير ڊيوڊ موريسن قومي سلامتي ڪميٽي ۾ ڳالهائيندي چئي. پرڏيهي ميڊيا موجب هن چيو ته ڀارتي گهرو وزير اميت شاهه ڪينيڊين سک ??لي??دگي پسندن کي نشانو بنائڻ لاءِ انٽيليجنس ڪارروا??ين جو حڪم ڏنو هيو. هن انهن ڪاروا??ين ۾ اميت شاهه جي مبينه ڪردار جي تصديق ڪئ?? جنهن جي باري ۾ ڊيوڊ موريسن جي دعويٰ آهي ته ڪينيڊا ۾ خالصتان جي حامي ڪارڪنن کي ڌمڪائڻ جي مهم جو حصو هيو. واشنگٽن پوسٽ ڪينيڊين اڳواڻن جي حوالي سان ٻڌايو ته اميت شاهه اهي ڪوششون سک ??لي??دگي پسندن خلاف جاري ڪريڪ ڊائون جي حصي طور ڪيون آهن. ڪينيڊا هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ ملڪ اندر سک ??لي??دگي پسند تحريڪن کي دٻائڻ جي سرگرمين ۾ مبينه طور ملوث ٿيڻ جي رد عمل ۾ 6 ڀارتي سفارت ڪارن کي ملڪ بدر ڪيو هيو جڏهن ته ڀارت انهن الزامن جي ترديد ڪئ?? آهي. ڪينيڊا کانپوءِ آمريڪا به ڀارت تي اهڙا الزام لڳايا آهن. هلندڙ مهيني جي شروع ۾ آمريڪاجي انصاف واري اداري ڀارتي انٽيليجنس آفيسر وڪاس يادو تي قتل لاءِ رقم ڏيڻ جو الزام لڳايو ، جنهن موجب هن نيويارڪ سٽي ۾ سک ??لي??گي پسند اڳواڻ گرپتونت سنگهه پنون، جيڪو ٻٽي شهرت يعني آمريڪي ڪينيڊين شهري کي قتل ڪرڻ جي سازش تيار ڪئ?? هئي . ايف بي آئي آمريڪي شهرين خلاف جوابي ڪارروائي جي خدشن جو حوالو ڏيندي تنبيهه به جاري ڪئ?? آهي. ڀارت هاڻي تا??ين آمريڪي الزامن تي عوامي تبصري کان پاسو ڪيو آهي.
ڀارتي گهرو وزير سک عليحدگي پسندن کي نشانو بنائڻ ۾ ملوث آهي: ڪينيڊا
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا جیک پاٹ