رياض-07 جون (اي پي پي) سعودي عرب جي حج ۽ عمري واري وزير ڊاڪٽر توفيق الربيعه چيو آهي ته مملڪت ۾ هن وقت تائين 12 لک حج پانڌيئڙا پهچي چڪا آهن. العربيه موجب ڊاڪٽر توفيق الربيعه پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته سعودي عرب جعلي حج آپريشنز جي خطرن کان آگاهي لاءِ عالمي مهم جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، حج پانڌيئڙن جي ??هو??ت لاءِ هر ممڪن ??هو??تون فراهم ??يون ويون آهن. هن چيو ته حج پانڌيئڙن جي مجموعي صحت لاءِ صحت جا ادارا بهترين طريقي سان خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. حج واري وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته هلندڙ سال حج معاملن کي بهتر انداز ۾ مڪمل ڪرڻ لاءِ 50 کان وڌيڪ سرڪاري ادارن سان شراڪت ڪئي وئي آهي جڏهن ته 11 ملڪن جو دورو ڪري اتي حج معاملن جي حوالي سان معاملا طئي ڪيا ويا هئا. هن چيو ته 126 ملڪن جي شهرين کي اها ??هو??ت فراهم ??ئي وئي آهي ته اهي بنا ڪنهن ايجنٽ يا سياحتي اداري جي ڊجيٽل پورٽل ۽ پليٽ فارم تي حج لاءِ درخواست جمع ڪرائي سگهن ٿا. هلندڙ سال منيٰ ۾ 11 نئين عمارتن جو اضافو ڪيو ويو آهي جت?? 37 ??زار حاجين کي ترسڻ جي ??هو??ت فراهم ??ئي ويندي.
مملڪت ۾ هن وقت تائين 12 لک حج پانڌيئڙا پهچي چڪا آهن: سعودي حج ۽ عمري وارو وزير
مضمون کا ماخذ : شریر چڑیل