والاريل بيت المقدس-27 ڊسمبر (اي پي پي) اسرائيلي وزيراعظم بنجمن نيتن ياهو غزه مان فلسطينين جي رضاڪاراڻي لڏپلاڻ جي منصوبي تي ڪم ڪرڻ جو اعتراف ڪري ورتو آهي. اسرائيلي اخبار يروشلم ??وس?? جي رپورٽ موجب حڪمران ليڪوڊ پارٽي جي ميمبر ??ينسٽ جي هڪ بن?? پارلياماني اجلاس دوران وزيراعظم نيتن ياهو چيو ته هو غزه مان فسلطينين جي رضاڪاراڻي لڏپلاڻ جي منصوبي جي تياري تي ڪم ڪري رهيو آهي، هن چيو ته ان منصوبي جي راهه ۾ رڪاوٽ اهي مل?? آهن جيڪي فلسطينين کي پناهه ڏئي سگهن ٿا، تنهن هوندي به اسرائيل ان مسئلي جي مستقل حل لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. نيتن ياهو جي قيادت ۾ ليڪوڊ پارٽي جي هڪ ميمبر ??ينسٽ ڊيني ڊينن چيو ته دنيا پهرين ئي ان معاملي تي ڳالهه ڪري رهي آهي، ڪينيڊا جي اميگريشن واري وزير مارڪ ملر انهن معاملن جي باري ۾ عوامي سطح تي ڳالهه ڪئي جڏهن ته آمريڪي صدارتي اميدوار ۽ اڳوڻي سفارتڪار نڪي هيلي به ان امڪان کي رد نه ڪيو. هن چيو ته اسان کي اسرائيل ۾ هڪ ٽيم ٺاهڻي پوندي جيڪا ان معاملي کي ڏسي، اسان ڏسڻ چاهيون ٿا ته غزه مان پنهنجي مرضي سان فلسطيني علائقو ڇڏي ٻين مل??ن ڏانهن وڃڻ لاءِ تيار آهن ته اسان انن جي ڪيئن مدد ڪري سگهون ٿا، هن جو چوڻ هو ته جنگ جي خاتمي کانپوءِ انهن جي اسٽريٽجڪ اهميت سبب ان معاملي کي منظم ڪرڻ گهرجي.
اسرائيلي وزيراعظم پاران غزه مان فلسطينين جي رضاڪاراڻي لڏپلاڻ جي منصوبي جو اعتراف
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن مفت