گڏيل قومون-03 نومبر (اي پي پي)گڏيل قومن جي انساني ح??ن جي ماهرن چيو آهي ته غزه ۾ نسل ڪشي ۽ انساني تباهي کي روڪڻ جو وقت ختم ٿيندو پيو وڃ??. برطانوي اخبار موجب گڏيل قومن جي والاريل فلسطيني علائقن لاءِ خصوصي نمائندي سميت انساني ح??ن جي ماهرن جي هڪ گروپ گذريل ڏينهن هڪ گڏيل بيان ۾ چيو ته اسان کي يقين آهي ته فسلطيني عوام نسل ڪشي جي سنگين خطري جي ور چڙهيل آهي. بيان ۾ چيو ويو ته هاڻي ڪارروائي جو وقت آه??، اسرائيل جي اتحادين تي به ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ۽ کين ان جي تباهي آڻيندڙ قدمن کي روڪڻ لاءِ فوري ??ور تي ڪارروائي ڪرڻ گهرجي. ماهرن خوراڪ، پاڻي، د??ائن ۽ ٻين ضروري شين جي سخت ضرورت ۽ صحت کي درپيش خطرن بابت خبردار ڪندي چيو ته غزه جي صورتحال هڪ تباهي آڻيندڙ موڙ تي پهچي چڪي آه??، انساني ح??ن واري ڪائونسل طرفان گڏيل قومن جي خصوصي نمائندن کي بنا معاوضي ۽ آزاد ماڻهن جي ذميواري سونپي وئي آه??، اهي ماهر گڏيل قومن طرفان ڳالهيون نٿا ڪن پر ڪائونسل جي فيڪٽ فائنڊنگ ۽ مانيٽرنگ ميڪنزم جي حصي ??ور پنهنجي نتيجن کي ڪائونسل کي رپورٽ ڪندا آهن، غزه جي صورتحال تي رپورٽ تي 1967ع کان والاريل فلسطيني علائقي ۾ انساني ح??ن جي صورتحال تي خصوصي نمائندي فرانسسڪا البانيز به صحيحون ڪيون، ٻين صحيحن ڪندڙن ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي، کاڌي، جسماني ۽ ذهني صحت، مقامي بي گهر ماڻهن ۽ اظهار راءِ جي آزادي سميت نسل پرستي تي خصوصي نمائندا شامل هئا. ماهرن مطالبو ڪيو ته ڌرين کي عالمي انساني ۽ انساني ح??ن جي قانون تحت پنهنجي ذميوارين تي عمل ڪرڻو پوندو، بيان ۾ چيو ويو ته اسان انساني بنيادن تي جنگ بندي جو مطالبو ڪريون ٿا ته جيئن ان ڳالهه کي يقيني بڻائي سگهجي ته امداد انهن ماڻهن تائين پهچي جنهن کي ان جي سڀني کان وڌيڪ ضرورت آهي.
غزه ۾ نسل ڪشي روڪڻ لاءِ وقت ختم ٿيندو پيو وڃي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : melhores loterias do Brasil